وڪي گيپ پاڪستان آن لائن چيلنج

From Meta, a Wikimedia project coordination wiki
This page is a translated version of the page WikiGap Pakistan Online Challenge and the translation is 91% complete.
Outdated translations are marked like this.

WikiGap Pakistan Online Challenge
7 November - 7 December, 2020
[Social media: #WikiGapChallenge]
The Results are out. Please check the results page for the names of this year's winners. Thank you all for participating.

وڪيپيڊيا (انگريزي ۽ اردو)تي پاڪستاني نارين جي ڪووريج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڪي گيپ پاڪستان مضمون لکڻ جي چيلنج ۾ ڀيلڪار!

ڇا

انگريزي وڪيپيڊيا ۽ اردو وڪيپيڊيا تي پاڪستاني نارين جا بايوگرافي مضمون لکڻ ۽ سنوارڻ لاءِ هي عوامي تحريري چٽاڀيٽي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستاني عورتن جي وڪيپيڊيا تي ڪوريج کي سگهارو بڻائڻ هوندو. هن آن لائن چيلنج جي ڪامياب ڀاڱيدارن کي زبردست انعام ملندا. چيلنج عالمي وڪي گيپ مهم جي هڪ حصي جي طور تي پاڪستان ۾ سويڊن جي سفارت خانو جي ذريعي آرگنائز ڪيو پيو وڃي. روان عالمي ڪووڊ-١٩ وبائي مرض جي سبب کان، اسان زوم (ويبينار Zoom Webinar) جي ذريعي وڪيپيڊيا تي ٻه آن لائن ٽريننگ جي ميزباني ڪنداسين. جيڪي به نوان سيکڙاٽ ڀاڱيدار ان (وڪي گيپ پاڪستان آن لائن چيلنج) ۾ ترميم جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، انهن کي زوم (ويبينار) جي وسيلي تربيت ۽ سکيا ڏني ويندي، سندن تربيت کانپوءِ آن لائن مقابلو ٿيندو.

ڪڏهن

آن لائن تربيت (ويبنار) 5 ۽ 6 نومبر 2020 تي شام 2:30 بجي کان وٺي شام 4:00 بجي تائين ٿيندو. توهان هتي سائن اپ ڪري سگهو ٿا.

You can see the webinars here: 5 November 2020 (1:55:25) and 6 November 2020 (1:47:29)

هي مضمون لکڻ جو چيلنج 00:01 بجي کان 7 نومبر 2020 (GMT +05: 00) 7 ڊسمبر 2020 (GMT +05: 00) شام 23:59 بجي تائين هلندو.

ڪيئن

مقابلو ( سادو يعني ڪي آءِ ايس ايس اصول) پوائنت سسٽم تي ٻَڌل بناوت تحت تمام سولو آهي: جنهن تحت مضمونن جي رچنا ۽ بهتري جي دوران توهان کي پوائنٽس ملندا آهن، جنهن ۾ هر شريڪ ٿيندڙ لاءِ گهڻي کان گهڻا پوائنٽس حاصل ڪرڻ جو هدف هوندو آهي.

ڪير

هي چيلنج پوري دنيا جي ايڊيٽرز جي لاءِ، سندن ڄمار، جنس، صنف، رجحان، مذهب، قوميت يا نسل جي ڀيد يا فرق کان هٽي ڪري کليل آهي. ڪوبه وڪيپيڊين (وڪييپيڊيا تي پهرين کان ڀاڱيداريون ڪندڙ وڪيپيڊيا واپرائيندڙ) پنهنجي ڄاڻايل وڪيپيڊيا اڪائونٽ (ڪنهن به وڪيپيڊيا جي اڪائونٽ، انڪيوبيٽر سميت) حصو وٺي سگهي ٿو. سمورا ڀاڱيدرا، انهن جي ڀاڱيدار ٻولي جي قطع نظر، ميٽا وڪي چيلنج پيج ڀاڱيدار ۽ [Dashboard|ڊيش بورڊ] تي پنهنجو واپرائيندڙ نالو (يوزر نيم) درج ڪريو.

ڇو

هي مقابلو سويڊن جي خارجي معاملن واري وزارت (حوالو) پاران تيار ڪيل آهي ۽ پاڪستان ورزن سويڊن جي سفارت خانو جي وسيلي ان جي سهائتڪارن ڊجيٽل رائٽس فائونڊيشن، جمهوريت معاملن جي لاءِ ميڊيا، يو اين ويمن ۽ وڪيميڊيا سويڊن جي تعاون سان ٿي رهيو آهي. ان کي لاڳو ڪرڻ لاءِ رضاڪارن جي هڪ ٽيم:کلاڙي ۽ تاريخ دان ۽ جوگي اسد جي ذريعي ڪيو پيو وڃي.

آئون ڀاڱيدار ڪيئن ٿيان؟

  1. چيلينج بابت وڌيڪ سکڻ لاءِ وڪي گيپ پاڪستان آن لائن چيلنج گهمي ڏسو
  2. هن چيلنج ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ميٽاوڪي چيلنج پيج تي شرڪت ڪندڙن جي فهرست ۾ ۽ [[١]] پڻ پنهنجو پاڻ کي شامل ڪريو.
  3. 5 يا 6 نومبر 2020 تي ٿيندڙ وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ، سنوارڻ ۽ ترميم ڪرڻ جي طريقيڪار لاءِ آن لائن سکيا (ويبينار Webinar) ۾ سکيا وٺڻ لاءِ هتي سائن اپ ڪريو (معاف ڪجو، هاڻي سموريون خالي جايون ڀرجي ويون آهن).
  4. 7 نومبر ۽ 7 ڊسمبر 2020 جي وچ۾، تجويز ڪيل مضمونن جي فهرست مان مضمونَ چونڊيو ۽ ان ۾ سنوار ڪريو يا ان تي ڪم ڪريو. ڇا توهان کي اُتساهه جي گُهرِجَ آهي؟ مضمونن ۾ سنوار ۽ مضمونن کي تخليق ڪرڻ سان گڏوگڏ حوالا يا وسيلا استعمال ڪرڻ جي لاءِ تجويزن تي هڪ نظر وِجهو.
  5. هن صفحي تي پنهنجو واپرائيندڙ (يوزر نالو) تحت پنهنجا مضمون شامل ڪريو.
  6. پنهنجي پوائنٽس جي ڳڻپ هن پَنو تي ڪريو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي واپرائيندڙ نالو جي تحت پنهنجي مضمونن کي شامل ڪريو.

واڌايون هُجن! توهان هينئر هينئر وڪيپيڊيا تي جنس جي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي ۽ سموري دنيا جي پڙهندڙن کي پاڪستاني نارين (عورتن)جي ڪاميابين جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ سهائتا ڪئي آهي.

Contest details
Contest details
Prizes
Prizes
List of proposed articles
List
Participants
Participants
Results
Results
Discussion
If you have any questions about this writing challenge, please add them to our talk page.
Log
See the continuously updated log for the event.