فيمينزم ۽ لوڪ وارتا 2022

From Meta, a Wikimedia project coordination wiki
This page is a translated version of the page Feminism and Folklore 2022 and the translation is 95% complete.
  • گهر
  • 2024
  • 2023
  • 2022
  • 2021
  • 2020
  • 2019
  • وڪي ڪامنز هوم پيج
Welcome to Feminism and Folklore!


فيمينزم ۽ لوڪ وارتا بين الاقوامي لکڻين جو مقابلو آهي جيڪو ھر سال فيبروري ۽ مارچ جي مهينن ۾ وڪيپيڊيا تي دنيا جي مختلف ڀاڱن ۾ لوڪ ثقافتن ۽ لوڪ ريت ۾ عورتن کي وڪيپيڊيا تي دستاويزي طور سانڍڻ لاءِ منعقد ڪيو ويندو آهي. هي رِٿا وڪي محبوب لوڪ داستان (ڊبليو ايل ايف) فوٽوگرافي مھم جو وڪيپيڊيا ايڊيشن آهي، جيڪو پوري دنيا ۾ لوڪ داستانن جي دستاويز سانڍڻ (محفوظ ڪرڻ) لاءِ وڪيميڊياڪامنز تي منظم ڪيو ويو آهي.

مقابلي جو بنيادي مقصد سموري دنيا ۾ آزاد انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا ۽ وڪيميڊيا فائونڊيشن جي ٻين رٿائن ۾ انساني رنگارنگي سان لاڳاپيل مضمون گڏ ڪرڻ آهي. هن سال اسان جنسي وِٿي (جينڊر گيپ) جي خال کي ڀرڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سميت. پوري دنيا ۾ لوڪ ثقافت تي ڌيان ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته اسان ان مقصد لاءِ سڄي دنيا جي ٻين ماڻهن ۽ گروپن سان ڀاڱيداري ڪري رهيا آهيون.

2019 کان وٺي، اسان گهڻ لسانياتي وڪيپيڊيا جي مقابلي کي منظم ڪري رهيا آهيون ۽ هن رٿا کي ميٽاوڪي تي رکڻ لاءِ چونڊيو ويو آهي، ته جيئن انٽروڪي، بين الساني ۽ انٽر پراجيڪٽ جي سهڪار وسيلي اسانجي عالمي وڪي محبوب تحريڪ جي حقيقي پهلو کي اُجاڳر ڪري سگهجي.

هن مقابلي تحت لکيل مضمون مرڪزي خيال سان مطابقت رکندڙ هجن، ان جو مطلب هي اهي ته اڪثر واپرائيندڙ مرڪزي خيال، موضوع سان ويجهڙائي رکندڙ مضمون تلاش ڪري سگهندا، ڀلي اهي ان علائقي جي لوڪ ثقافت تي زور ڀريندڙ ميلا (فيسٽيول)، ناچ، کاڌا، لباس يا روزاني زندگي جو وهنوار سان لاڳاپيل هجن، توهان اسان جي ورڪنگ لسٽ تان آرٽيڪل چونڊڻ يا آزاد طور پنهنجي پسند تي مرڪزي خيال سان لاڳاپيل مضمون چونڊي لکڻ لاءِ آزاد آهيو، پر شرط اهو آهي ته اهو موضوع مرڪزي خيال سان لاڳاپيل هُجي ۽ جنس جي فرق کي بند ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو هُجي. غير معقول ثقافتي ورثو مختلف گروهن وٽ مختلف معنيٰ رکي ٿو انهيءَ ڪري اهو مواد وڌائڻ، بين الثقافتي ڳالهين سان مدد ڪرڻ، ۽ ٻين ثقافتن ۾ زندگي جي ٻين طريقن جي لاءِ هڪٻئي جي احترام جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. اهو واپرائيندڙ کي استعمال جي لاءِ ثقافتي تنوع (رنگارنگي) جي ڄاڻ پڻ ڏئي ٿو.

مرڪزي خيال

هن سال فيمنزم ۽ لوڪ وارتا وڪيپيڊيا تي لوڪ ڪلچر جي موضوع سميت وڪي لوز لوڪ وارتا جي جنسي فرق تي ٻَڌل ليگ ۾ هن پروجيڪٽ جي لاءِ فيمنزم، نارين جي بايوگرافي ۽ جنس سان لاڳاپيل موضوعن تي ڌيان ڏنو ويندو.

لوڪ وارتا–دنيا جون لوڪ ڪهاڻيون، جن ۾ لوڪ فيسٽيول، لوڪ ناچ، لوڪ ميوزڪ، لوڪ سرگرميون، لوڪ رانديون، لوڪ کاڌا، لوڪ لباس، پرين جون ڪهاڻيون، لوڪ ناٽڪ يا ڊراما، لوڪ آرٽ، لوڪ مذهب، ديومالائي ڏندڪٿائون، وغيره شامل آهن، پر رڳو انهن موضوعن تائين محدود ناهن.

لوڪ وارتا ۾ ناريون- جنهن ۾ لوڪ داستان، لوڪ ڪلچر ۾ ناريون ۽ منفرد شخصيتون شامل آهن، پر هي صرف ان تائين محدود ناهي (لوڪ فنڪار، لوڪ ناچ، لوڪ ڳائڻا، لوڪ موسيقار، لوڪ راندين جا ايٿليٽ، ڏند ڪٿائن ۾ زائفائون، لوڪ وارتا ۾ ويڙهاڪ ناريون، ڏائنڻيون ۽ جادوگرياڻين جو شڪار، پرين جون ڪهاڻيون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه).

وقت جي پٽي

مقابلي جو جٽاءُ (عرصو) فيبروري 1، 2022 (وقت 00:01 بجي يوٽي سي) کان مارچ 31، 2022 (وقت 11:59 بجي يو ٽي سي) تائين جاري رهندو

اصول

  • سنواريل يا نوان لکيل مضمون گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار بائٽ (3000 Bytes) ۽ ٽي سئو (300 Words) لفظن تي ٻَڌل هجن.
  • مضمون مشيني ترجمو ٿيل نه هجن.
  • مضمون پهرئين فيبروري کان ايڪٽيهين مارچ (1 فيبروري کان 31 مارچ 2021) جي دوران تخليق يا واڌارو ڪيل، سنواريل هجن.
  • مضمون لازمي طور مرڪزي خيال (فيمنزم ۽ لوڪ داستان) سان لاڳاپيل موضوعن تي لکيا وڃن.
  • مضمون جي درجيڪاري (مندرجات) ۾ حق ڇپائي (ڪاپي رائٽ) ۽ معروفيت جي ڀڃڪڙي (خلاف ورزي) نہ ٿيل هجي.
  • مضمونن ۾ وڪيپيڊيا اصولن، هدايتن پٽاندڙ مناسب حوالا شامل هُجن، ۽ وڪيپيڊيا معروفيت جي اصولن مطابق لکيا وڃن، تہ جيئن ان جي مواد (متن) جي ثابتي (تصديق) ٿي سگهي.
  • مقامي ڪوآرڊينيٽر کي گهرجي ته فائونٽين ٽول تي ويڪيپيڊيا مهم کي هلائڻ کي ترجيح ڏيئي. توهان رٿا کي ڊيش بورڊ تي پڻ ترتيب ڏئي سگهو ٿا.
  • جيڪڏهن مقامي ڪوآرڊينيٽر فائونٽين ٽول ترتيب نٿو ڏئي سگهي ته مضمونن جي فهرست واري نتيجن کي ميڊياوڪي منصوبي جي نتجين واري صفحي تي درج ڪرڻ جي ضرورت آهي
  • فائونٽين ٽول کي ترتيب ڏيڻ ۾ ڪنهن قسم جي مدد گهربل هجڻ جي صورت ۾، مهرباني ڪري پنهنجو (اي ميل) تي رابطو ڪريو

(wikilovesfolklore@gmail.com)

انعامَ

سڀ کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڪندڙن لاءِ انعام (وڌيڪ مضمون):

  • پهريون انعام:٣٠٠ ڊالر
  • ٻيون انعام:$1 آمريڪي ڊالر
  • ٽيون انعام:$1 آمريڪي ڊالر
  • آٿت انعام ٽاپ 15 کٽيندڙن لاء: $1 يوايس ڊالر هرهڪ کي
  • There will also be local prizes for most created articles on each local Wiki project. More information on the project page

Jury Notice

15 اپريل تائين نتيجن جو اعلان ڪريو يا توهان جي ڪميونٽي انعام حاصل ڪرڻ جي لائق نه هوندي.